حافظ سخي محمد مهراڻ

حافظ سخي محمد مهراڻ

حافظ سخي محمد مهراڻ

حافظ سخي محمد مهراڻ: ناميارو عالم، اديب ۽ ڪاتب حافظ سخي محمد ولد حبيب الله مهراڻ، 6 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ واوڙي اولڊ، تعلقي ڇاڇري، ٿرپارڪر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. هن قرآن پاڪ استاد حافظ محمد نصير مهراڻ جي نگرانيءَ ۾ حفظ ڪيو. 1972ع کان مختلف موضوعن تي لکڻ شروع ڪيو. مطالعي جي شوق ۾ ڳوٺ واوڙيءَ ۾ لائبرري قائم ڪيائين. سندس سڪندريه لائبريريءَ ۾ هن وقت 16 هزار کان وڌيڪ هر موضوع تي ڪتاب موجود آهن. حافظ سخي مهراڻ حـُر تحريڪ تي به ڪافي مضمون لکيا آهن، جيڪي ‘جهونگار’ ۽ ‘منصور’ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هي بهترين ڪاتب به آهي، ڪيترن ئي ڪتابن جي ڪتابت ڪئي اٿس. ڪراچيءَ جي اداره مسعوديه جو سرگرم رڪن رهيو آهي، هن تنظيم پاران حافظ سخي مهراڻ جا ترجمو ڪيل 12 ڪتاب پڻ ڇپيا آهن. حافظ صاحب جو قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو پڻ موجود آهي. ان کانسواءِ مخدوم عبدالله منڌري جي مشهور ڪتاب ‘خزانة الابرار’ قلمي نسخو (منظوم) جو جديد سنڌيءَ ۾ اُلٿو ڪيو اٿس.
ڳوٺ واوڙيءَ جي ڪيترن ٻارن کي قرآن پاڪ جي ناظره تعليم پڻ ڏني آهي. هن وقت ضعيفي باوجود علمي ڪم ڪندو رهي ٿو. سندس 15 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن مان طبعزاد ڪتاب هي اٿس:
(1) نصب نامه مهراڻ، (2) مدرسه دارالقرآن واوڙي جو تعارف.


لفظ حافظ سخي محمد مهراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.06  عيسوي

ناميارو عالم، اديب ۽ ڪاتب حافظ سخي محمد ولد حبيب الله مهراڻ، 6 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ واوڙي اولڊ، تعلقي ڇاڇري، ٿرپارڪر ۾ ڄائو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد خضري مولانا
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
سيد عبدالرحيم شاهه سجاولي
عبدالوهـاب بلـوچ مولانا
احسن جوکيو
حبيب الله قاضي مولانا
حافظ محمد ابراهيم مولانا
احمد بن محمد المنصوري
علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون